رئيس علڻ خان

رئيس علڻ خان

علڻ خان رئيس

علڻ خان، رئيس: رئيس علڻ خان لغاري، 1910ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ حاجي خان تعلقي جوهيءَ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو ۽ پنهنجي والد سان گڏ زمينداري سنڀالڻ لڳو. جڏهن سندس والد وفات ڪئي ته برادري ۽ ٻين اوڙي پاڙي جي ماڻهن کيس پڳ ٻڌائي ۽ پوءِ هو راڄ ڀاڳ جا فيصلا ڪرڻ لڳو. سندس فيصلا ضرب المثل سمجهيا ويندا هئا. اهڙن فيصلن سبب رئيس علڻ خان مشهور ٿي ويو. سندس هيءُ مقولو مشهور آهي ته “ٻڪري کي زيور ۽ ڳهه ڳٽا پارائي جوهي برانچ ٽپائي ڪاڇي ۾ ڇڏي وڃو. مون وٽ صحيح سلامت پهچي ويندي.” سندس دور ۾ لچ لوفر کي همت نه ٿيندي هئي، جو ڪاڇي ۾ ڏوهه ڪري. رئيس علڻ خان لغاري سماجي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺندو هو. غريب ۽ مسڪين ماڻهن جا ٻار پڙهندا هئا، انهن کي فيون ڪپڙا ۽ ڪتاب فراهم ڪندو هو. رئيس علڻ خان لغاري ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي ميمبريءَ سان سياست جي شروعات ڪئي. سال 1953ع ۾ صوبائي سيٽ تي بيٺو. سندس مدمقابل سيٺ محمود هارون ۽ عبدالعزيز سولنگي رٽائرڊ ايس. اي هئا. ان اليڪشن ۾ مخالفن کي شڪست ڏئي وڏيءَ اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. 1960ع ۾ به اليڪشن ۾ حصو ورتائين ۽ ڪامياب ٿيو. 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ ڏنس ۽ بنا مقابلي ڪامياب ٿيو. ساڳئي سال ڀُٽي صاحب کيس حج موڪليو. سندس سڄو خرچ گورنمينٽ ادا ڪيو.
رئيس علڻ خان لغاريءَ کي چار پٽ: رئيس اڪبر خان لغاري، ڊاڪٽر مقبول احمد لغاري، ڊاڪٽر منظور علي خان ۽ ممتاز علي لغاري آهن. رئيس علڻ خان لغاريءَ جو اڪثر وقت دادو ۾ ئي گذريو.
رئيس علڻ خان لغاريءَ 1980ع ۾ وفات ڪئي. کيس اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو